ٻٽڙي وارو ڀڙو

ٻٽڙي وارو ڀڙو: هي پنجين- ستين صدي عيسويءَ جو ڪهنو ماڳ دڙي جي صورت ۾ آهي. ھي ماڳ شھدادپور کان چئن ميلن جي فاصلي تي سرھاڙي اسٽيشن لڳ آھي. ھي دڙن جو گروپ آھي. چوڌاري ٺڪراٺو پکڙيل آھي. ھتان بنا چٽساليءَ جي ٿانو لڌا آھن. دڙو ھندو دور جو چئجي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو